صوفي شاهه عنايت شهيد کي صوفين جو سردار چيو وڃي ٿو. سندن ولادت هجري سنه 1066 ۾ ٿي ۽ سندن شهادت هجري سنه 1130 تاريخ 17 صفر تي ٿي. مختلف قلمي نسخن ۽ سينه به سينه روايتن موجب سندن عمر 63 سال ٻڌائي وڃي ٿي.جيڪا درست آهي، ولادت کان سندن شهادت تائين جا پهريان ٻارنهن سال جيڪي پاڻ ابتدائي تعليم هيٺ ميرانپور ۾ گذاريا، باقي جا ايڪونجهه سال جن مان هڪ سال مرشد جي تلاش ۾ نڪري ملتان ۾ شيخ شمس الدين شاهي القادري جي خدمت ۾ گذاري. شيخ شاهي قادري جي سونهين ڪرڻ بعد بيجاپور ۾ حضرت شاهه عبدالملڪ جيلاني جن جا دست بعيت طالب ٿيا. ان بعد باقي پنجاهه سال رياضتن، مجاهدن ۽ حق تعالي جي طالبن کي حق سان واصل ڪرڻ ۾ گذاريائون.
سندن سموري حياتي ۾ خاص طور تي مرشد جي تلاش ۾ نڪرڻ کان وٺي سندن شهادت تائين سندن ذات صوفي فڪر جومڪمل نمونو آهي. اسم الاهي جي ذڪر جا اهي ڏ ئا جي پاڻ طالبن جي قلب ۾ روشن ڪيائون. انهي اسم اعظم جي ذڪر جي روشني جي وسيلي انهي سلسلي ۾ سوين طالب واصل باالله ٿي اولياءِ الله جون منزلون ماڻي چڪا آهن. انهن اوليائن جون هند سنڌ کان وٺي ايران تائين درگاهون اڄ به حق جي طالبن جي رهنمائي ڪري رهيون آهن. انهن بزرگن جون حياتيون ۽ سندن ڪلام صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر جي اپٽار آهن.
علمي طرح سان صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ انهن باڪمال صوفين جي سوانح ۽ ڪلام تي غور ويچار ڪرڻ سان ئي سندس فڪر کي حقيقي معنيٰ ۾ سمجهي سگهجي ٿو.الله وارن جي حقيقت کي هڪ ته الله ۽ ٻيو اهي خود ڄاڻن ٿا. پر عقل جي واٽ سان انهي فڪر کي سمجهڻ جي ڪوشش هتي ڪنداسين. مگر حق وارن جي حال جي ڄاڻ عقل ۾ اچڻي ئي ڪانهي، پر سندن ظاهر ڪيل حال جي مطالعي سان سندن بيان ڪيل حالتن ۽ سندن مشاهدن مان سندن فڪر سان واقف ٿي سگهجي ٿو. جيئن ته تصوف جي سفر ۾ سڀ منظر جيڪي فقير جي مشاهدي دوران هو سندس اندر ۾ پسي ٿو انهي اندر کي اصتطلاح طور (حال) چيو وڃي ٿو.
سڀ کان پهرين حال جي اصتطلاح تي غور ڪجي ته جنهن کي صوفي (حال) چون ٿا. اهو آهي ڇا؟ جيئن هر ماڻهو تي خوشبوجو احساس تاثر ڇڏي ٿو. جيئن هوا جو وجود جسم کي ڇهاءِ سان محسوس ٿئي ٿو ،جيئن گل جي تازگي ۽ ان جي خوشبوءَ جو احساس طبيعت ۾ تازگي جي ڪيفيت پئدا ڪري ٿو، جئين مختلف قسمن جا نشه، مختلف قسمن جا سرور ، بيخوديون ۽ بي هوشيون طبيعت ۾ پيدا ڪن ٿا. جيئن جسم کي پهچندڙ ضرب، سبب سور جو احساس اڀري ٿو. پوءِ انهي ۾ شدتون به اچن ٿيون انهن سڀني شين تي جڏهن غور ڪجي ته ،اهو معلوم ٿئي ٿو ته ،ماڻهو جي طبعيت تي پوندر بيروني اثرن توڙي اندروني اڀارن جي نتيجي ۾ انسان تي مختلف ڪيفيتون طاري ٿين ٿيون. ۽ انهن حالتن کي انسان پنهنجي طبعيت ۾ ڀوڳي ٿو. اهڙي ئي طريقي سان ڪنهن به ماڻهو جو ڪنهن کي چاهڻ به هڪ احساس ئي آهي، بيشڪ عقل انسان جي اندر ۾ اٿندڙ انهن احساسن ۽ حالتن تي حاڪم آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن انهن احساسن جو شدتون ايتريون ته وڌي ٿيون وڃن جو عقل ۽ سمجهه مفلوج ٿيو پون ۽ انهن حالتن جي ڀوڳنا ۾ ماڻهو بيوس، بيخود۽ بيهوش ٿيو پوي. ۽ اها بيخودي ۽بيهوشي جي حالت انسان جي جسم تان عقل۽ سمجهه جو ضابطو ختم ڪريو ڇڏي. پر هڪ ماڻهو جي ڪري ٻيو ماڻهو انهن حالتن جي ڀوڳنا ائين جو ائين ڀوڳي، اهو ممڪن نه آهي. جيستائين کيس پنهنجي طبعيت ۽ اندر ۾ انهن ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ۽ اهڙي حالتن هيٺ رهڻو پوي. انهي مان اها ڳالهه ته چٽي ثابت آهي ته انساني اندر جون اهي ڀوڳنائون ۽ حالتون انسان جو اجتماعي نه پر انفرادي مشاهدو چئبو. جيئن ته عشق ٿيڻ کي ڪو به سبب نه گهرجي تيئن جڏهن بنا سبب جي ڪنهن انسان ۾ حق تعالي جي محبت يا مرشد جي محبت کيس وصل ، وڇوڙي جي سرور، ڏک ۽ درد واري حالتن ۾ آڻي بيهاريندي آهي ته الله وارا ان حالت کي ان انسان جو حال چوندا آهن. ان مان ظاهر ٿيو ته انسان جي اندر جي حالت ئي ڪنهن انسان جو حال آهي. پوءِ جڏهن ڪنهن سونهين جي رهنمائي سان ماڻهو جو باطني سفر شروع ٿئي ٿو. انهي باطني سفر دوران انسان جي اندر تي مختلف حالتون رهن ٿيون جن کي منزلون پڻ چئي سگهجي ٿو. ۽ انهن مختلف حالتن جي دوران مرشد ئي اهو ذريعو آهي جيڪو انهي شخص جي باطني توڙي ظاهري رهنمائي ڪري حق تعالي جي سڪ ۽ محبت جي انهي سفر ۾ ايندڙ مشڪلن مان ڪڍي پار ڪرائي ٿو. اهو ته بلڪل طئه آهي ته ڪنهن به ماڻهو جو اهو سمورو سفر حق تعالي جي ڪرم سان ئي شروع ٿئي ٿو.هاڻ انهي سفر جو مقصد فقط حق تعالي جو حاصل ٿيڻ ئي هجي ٿو جيڪو انسان جي فاني وجود کان شروع ٿي حق تعالي جي لافاني ذات ۾ پنهان ٿيڻ تي اختتام پذير ٿي ٿو. ٿورن لفظن ۾ جي ڳالهه ڪجي ته فنا کان بقا ڏانهن سفر ئي صوفي جو مقصد، مسلڪ ۽ فڪر آهي.انهي سفر جو ذريعو فقط انسان جو باطني سفر ئي آهي.
صوفي عشق جون ٽي حالتون بيان ڪري ٿو. جنهن جو مثال هن طرح ڏئي سگهجي ٿو ته پهرين حالت جيڪڏهن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته اها ٻرندڙ باهه وسامي وڃي. جنهن لاءِ عشق مجاز جيڪو عارضي آهي تنهن کي ڄاڻائي سگهجي ٿو. ٻئي حالت جيڪڏهن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته اها باهه به نه وسامي ۽ پاڻي به وجود نه وڃائي جيڪا عشق حقيقي جي حالت ڄاڻائي سگهجي ٿي. ٽيئن حالت انهي عشق جي آهي جيئن ٻرندڙ باهه جي ڄيري تي پاڻي وجهجي ته باهه جو ڄيرو موجود رهي مگر پاڻي پنهنجو وجود وڃائي ويهه.
آهيان آگ ازل جي، ڪنهن سان جلايان جيءَ،
پاڻي کي آهي ڊپ ٻڏڻ جو،
ڄيري لڳڙو سيءَ،
اسين آيا سين اتهين،
جت رات نڪو هو ڏينهن.
صادق سڪ پرين جي
پاڻهوُن پاڻهين پيءَ
(صوفي صادق شاهه)
مٿيئن سٽن تي غور ڪجي ٿو ته ڳالهه ڪا ٻئي جهان جي لڳي ٿي جيڪا عقل ۽ سمجهه کان بلڪل نرالي آهي مگر انهن سٽن ۾ بيان ڪيل حالتون حق جي طالبن تي گذرن ٿيون جن کي ڪو انهي راهه جو راهي ڄاڻي سگهي ٿو انهن جي بيان ۾ اها ڳالهه ملي ٿي ته سندن سفر جي دوران وقت بوقت مٿن مختلف حالتون گذرنديون رهيون آهن. ۽ انهن حالتن ۾ مرحلي وار پڻ تبديلون اينديون رهيون. انهن حقيقتن جو بيان صوفي فضل الله شاهه قلندر عرف ”داتا شاهه قلندر “ اڳيان سندن طالب صوفي صديق محمد المعروف صوفي صادق شاهه جي بيان ڪيل حال جيڪو صوفي نور الله شاهه مختلف پنن تي دستخط ڪري درد نامي جي عنوان سان محفوظ ڪيوآهي. اهو نثري دستختط جيڪو صوفي نور الله شاهه جن ان وقت قلمبند ڪيو جڏهن صوفي صادق شاهه پنهنجو حال پنهنجي مرشد صوفي فضل الله شاهه ”داتا شاهه قلندر“ سان روبرو ڪري رهيو هو. ۽ ان ئي وقت صوفي نور الله شاهه جن مختلف ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکندا ويا جو بعد ۾ پاڻ قلمي نسخي جي صورت ۾ لکرائي محفوظ ڪرايو ۽ ان کي عنوان درد نامون ڏنو. ان مان ڪجهه اقتسابات هيٺ ڏجن ٿا.
درد نامي جي ترتيب ڪجهه هن طرح آهي جو انهي کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، اها ڪا ڳالهه ڪيل آهي جنهن کي لکيو ويو آهي، جڏهن ته صوفي صادق شاهه جي سوانع عمري مان ڪٿي ان ڳالهه جوثبوت نٿو ملي ته پاڻ فارسي ڳالهائي سگهندا هئا.ان ڪري اهو گمان گذري ٿو ته اها ڳالهه ڪئي سنڌي ۾ وئي آهي، مگر تحرير فارسي ۾ ڪئي ويئي آهي .۽ وري فارسي تان سنڌي ۾ ترجمون ٿي اسان وٽ پهتي آهي.درد نامي جي شروعات هن طرح سان ٿئي ٿي ته، ” جهڙي طرح هن ڳالهه لاءِ مرشد جو حڪم آهي ته، ڳالهائڻ کان ماٺ ڪر، اسرار جو پڌرو ڪرڻ ڪفر آهي. جيڪڏهن ماٺ ٿو ڪريان ته ڄڻ، زهر ٿو پيان ۽ جي درد ٿو لڪايان ته مثل ميڻ جي ٿو پگهران ۽ ديڳ جي ٽهڪڻ وانگر ٿو ٽهڪان. جي لاچار ٿي، ذرو ڪنهن ماڻهو سان پڌرو ڪريان ٿو ته اهو نه ٿو سمجهي ۽ درد وڌيڪ وڌي ٿو وڃي. جيڪڏهن هي نڌڻڪي ڦٽيل دل عشق جي واسينگ جي ڏنگيل دانهن ٿي ڪري ۽ اندر جي آگ کان جي وڏو شوڪارو ٿو ڀريان ته هي خلق ڀانئي ٿي، ته هي اولاد، مال، ملڪ، مائٽن ۽ احبابن لاءِ ڪري ٿو. پر منهنجو حال اهو آهي ته مون کي، ڪڙم قبيلو ڪڏهن خواب ۾ به ياد نه آيو.“
مٿيئن اقتساب مان ماڻهو جي ظاهر ۽ باطن جو حال پڌرو ٿئي ٿو. جيڪو طالب تي گذرندڙ حالت جو منظر آهي.
” حال اهو ٿو گهرجي ته خود کي فنا ڪرڻ جو سعيو ڪرين. جنهن هنڌ تون نه آهين اتي حق آهي، ڇو ته وسيلو تنهنجو اها نيستي ۽ نه هئڻ ۽ پاڻ کان وڃڻ آهي پر وڃڻ اهو نه ته، سمجهين ته جڏهن آئون وڃان ته باقي ڪير رهي ۽ ڪير ڏسي بلڪه وڃڻ ان جي مثل ته جڏهن رات تارن ڀري سج جي اڀرڻ سان روشني جي شعاع جي ڪري نظر نه ٿي اچي جيتوڻيڪ هئڻ رات جو باقي آهي پر سوجهري هيٺيان فاني ۽ محو آهي. اهڙي طرح منجهه هئڻ حق جي هئڻ تنهنجو لڪل هوندو. جو هن شڪار منجهه پاڻ شڪار ٿيڻ آهي.“
وحدت الوجود جو فنايت جو فلسفو مٿيئن اقتساب ۾ نهايت ئي سولي طريقي سان بيان ڪيل آهي ته انسان دنيا ۽ معاشري ۾ پنهنجو مڪمل وجود رکندي پنهنجي باطن ۾ پوري سچائين سان حق تعالي جي ٻانهپ ۾ غرق رهي. هڪ ئي وقت ظاهر ۽ باطن جون اهي ٻئي حالتون روا رکڻ انتهائي مشڪل آهن مگر ناممڪن نه آهي.
” اي درد وارا هزارين هزار هوشيار جي عشق جي گهٽي ۾ آيا ته ڏاهپ انهن جي هٿن مان تير جي ڪمان مان نڪرڻ مثل نڪري وئي. ۽ خبر کان بي خبر ۽ هستي پنهنجي کان ناپيد ٿيا.“
پنهنجي باطن ۾ هستي کان ناپيد ٿيڻ فنا ٿيڻ کي چيو ويو آهي جيستائين انسان عقل سان هلي ٿو تيستائين عشق جي آگ کان واقف نه ٿو ٿئي مگر جي عشق جو واسينگ ڏنگي وجهي ته ماڻهو پنهنجي هستي کان بي خبر ٿيو پوي ۽ پنهنجي مطلوب ۾ مستغرق رهي ٿو اها ئي فنائيت جي حالت آهي.
” ۽ قسم الله جو ته منهنجي يقين ۽ پڪ ۾ آيو ته جيڪڏهن مرشد مون کي حاصل نه ٿئي ها ته بي خدا ۽ مردار ٿي مئس ٿي. پوءِ احسان جو مرتبو تنهن مرشد جو ڌڻي تعالي جي احسان کان وڌيڪ ٿو ڄاڻان ۽ ڳڻيان جي چون ته اهو احسان مرشد جو پڻ خدا جي خواهش موجب آهي ته اهو پڻ سچ آهي. پر جڏهن مرتبو مرشد جو ڌڻي تعالي وٽ تمام وڏو هو تڏهن پهريان ئي مون کي مرشد جي خدمت ۾ سڳورو ڪري پوءِ ساڻ وصال پنهنجي پهتل ڪيائين. تڏهن حق ۽ حقيقت مون تي ثابت ٿي.“
تصوف جي هن سلسلي ۾ مرشد جو مرتبو مٿيئن فلسفي سان متعين ڪيو وڃي ٿو. مٿيئن اقتساب مان حق جي حاصل ٿيڻ جي اهميت ۽ ان حاصلات جي وسيلي کي عشق جي جن انتهائن تان ڏٺو ويو آهي سو عيان آهي.
” سمجهيم ته پير منهنجو زمين ۽ مٿو منهنجو آسمان آهي جيڪي آهيان سو آئون آهيان ۽ آئون هئس ۽ آئون هجان. ۽ ڪانهي ڪا شئي ٻي مگر آئون آهيان. جو نپائيندڙ ٻنهي جهانن جو آهيان ۽ سڀ شئي مونکي ٿي چوي، هائو تون خالق اسان جو آهين، اسين سڀ خلقيل تنهنجا ۽ تنهنجي رد ۽ قبوليت جي قيد ۾ آهيون. ۽ جي اک ٿو ڍڪيان ته ذرو پرزو پاڻ منجهه موجود مقدار داڻي اهر جي نظر ۾ ٿو اچي، ۽ اک کولڻ وقت پاڻ کي سڀني منجهه ٿو ڏسان بلڪه منجهه ماضي ، حال ۽ مستقبل، چڱون بڇڙو ڪم، صادر ٿيل مون کان ٿو ڏسان.“
”منجهه شهود چوٿين جبروتي جي ڏٺم ته منجهه اک ڪل موجودات خواه ماڪوڙي جي اک منجهه ڌرتي اڀ سميت مامي آهي. ۽ سڀ شين کان نباتات ۽ حيوانات کان آواز ته آئون آهيان خدا ۽ آئون آهيان نبي اهو ٿو ٿئي ۽ جي منجهه وجود تنهن ماڪوڙي جي وڃين ماڪوڙي ڏسان ته حقيقت ۾ سچ ٿا چون بلڪه منجهه هر ڪنهن عضوي کي ڌرتي اڀ ٻيو ٻيو. ۽ منجهه انهي حال ڏسڻ نورن جو مثل دريا دريا لهر لهر سج کان روشن ڳاڙهو، سائو، ڦڪو، ڏاڍو چڱون سڀ ڪنهن طرف ۽ سڀ ڪنهن پاسي چوڌاري اهڙو هو جو رخنو وار جيترو به نه هو، تڏهن دل ۾ چوان ته جيڪو لقاءِ ٿا چون سو اهو آهي. ۽ منجهه حيرت قدرت جي ۾ پيس ته سڀ شئي پاڻ کي اثبات ٿي ڪري! ڪانءَ ٿو چوي ڪانءَ ڪانءَ ۽ اٺ ٿو چوي آنءَ ۽ ڪڪڙ ڪڪوڙو تو. اهڙي طرح هر وجود اندر نالو پنهنجو وٺي پاڻ کي اثبات ٿو ڪري. انهي طرح هر ڪنهن وجود ۾ پنهنجو نالو وٺي پاڻ کي ثابت ٿو ڪري جيڪڏهن حق جون صفتون ڳولهيان ته پڻ هر ڪنهن شيءِ ۾ ثابت ۽ پڌريون آهن.“
مٿيئن بيان ڪيل حقيقت جي منظرن کي اڳتي اڃان به وڌيڪ کولي ٻڌايو ويو آهي. تنهن بعد انهي ڳالهه جو اختتام هئين ٿو ٿئي ته
” جيڪڏهن آئون پاڻ مطلوب ۽ ذڪر ڪيل آهيان ته ذڪر ڪير ڪري هن جاءِ تي ذڪر فڪر فاني آهي شايد اسرار به اهيو آهي. جيڪو پيغمبرن ڳجهو رکي خلق وٽ پڌرو نه آندو. ۽ هن وقت وري دل ۾ چيم ته جيڪڏهن مون کي هن حد تي ذڪر پهچايو آهي ته، پوءِ ذڪر ڇڏڻ نه گهرجي. انهي سببان ذڪر سان مشغول هئس ته ڪنهن ساعت ساڻ وسيلي انهي ذڪر جي منهنجي هستي جو پردو دفعه ٿيو ۽ حجاب لٿو ته، سمجهيم ته اهي مڙئي صفتون معشوق جون هيون پر معشوق نه هو.“
فقير تي گذرندڙ اهي حالتون ئي دراصل فقير جو سفر آهن انهي سفر ۾ فقير پنهنجي نفس جا اڻ ڳڻيا تماشا ڏسي ٿو انهي جي نتيجي ۾ انساني عقل ۾ نه ايندڙ شين تي قدرت حاصل ڪري وٺي ٿو، انهن حالتن کي به فقير پنهنجي منزل نه ٿو ڄاڻي پنهنجي هادي جي رهنمائي سان جهد ۾ رهي ٿو. اهو ئي حق کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي جنهن سان فقير حق جي منزل ماڻي ٿو فقير جڏهن ڄاڻڻ جي منزل کي رسي ٿو ته ماضي حال ۽ مستقبل جا سڀ پردا دفعه ٿيو وڃن.
جوڳي جڳ سنڀري،
زمين، زمن،اڀ نه تارا.
سنڌ ۾ تصوف کي تمندن جي درجي تي رسائيندڙ حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد جن جي اها ئي روحاني تحريڪ آهي جيڪا حق تعالي جي طالبن کي حق جي ڳولا جي دڳ سان لائي کين حق ۽ حقيقت سان واصل ڪري ٿي. تصوف جي دنيا ۾ جيئن صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي سان واڳيل بزرگن سندن روحاني سفر ۾ پيش ايندڙ مرحلن جو بيان ڪري حضرت شاهه شهيد جي فڪر کي پنهنجي عمل سان چٽو ۽ ظاهر ڪيو آهي تئين انهي سلسلي ۾ پيدا ٿيل اولياءَ ڪرام مٿن گذريل حالتن ۽ مشاهدن جو بيان ڪري تصوف جي انتهائي پيچده نڪتن کي انتهائي سادگي سان انسانن جي سمجهڻ لاءِ آسان بڻايو آهي. حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر جو اصل بنياد روحاني سفر تي ئي رکيل آهي ڇو ته انسان پنهنجي روحاني مشاهدن جي نتيجي ۾ حق ۽ حقيقت کان آگاهه ٿئي ٿو. هن فڪر ۾ طالب لاءِ اها ئي تلقين آهي ته ماسواءِ خدا جي ٻيو سڀ ڪجهه حرس ۽ حوس آهي پوءِ جڏهن طالب حوس ۽ حق جو فرق ڄاڻي وٺي ٿو ته پوءِ سندس ظاهري زندگي ۾ ڪيل سمورا فيصلا حق تي هوندا آهن جيئن ته اهو طالب هڪ ئي وقت ظاهر توڙي باطن کان چڱي ريت واقف هجي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حق ۽ حوس جو فرق ڄاڻندڙ انسانن جو سماج حرس ۽ حوس کان پاڪ ٿي هميشه حق جي تلاش ۾ غرق پنهنجي ظاهري عملن سان سماج ۾ عدل، انصاف، محبت، هڪجهڙائي جو نئون جهان اڏي ٿو.
صوفي شاهه عنايت شهيد جن جڏهن بيجاپور مان حضرت شاهه عبدالملڪ جيلاني جن کان اجازت ملڻ بعد وري اچي اباڻو وطن ميرانپور وسايو ته ان وقت هند ۽ سنڌ جون سماجي ۽ سياسي حالتون تمام ابتر هيون. سنڌ ۾ ڪي به معاشي سڌارا نه هئا جنهن ڪري هتي جو سماج ڏاڍ ۽ طاقت تي قائم هو. جنهن ڪري غريب جو جيئڻ جنجال هو سنڌ جا طاقت ور قبيلا دهشت ۽ وحشت جو مڪمل نمونو هئا ڪنهن کي ڪا به امن جي ضمانت نه هئي. گذر جو ذريعو چوپايو مال، برساتن يا سنڌو درياءَ جي ٻوڏن کان پوءِ ٿوري گهڻي حصي تي آباد ٿيندڙ زمينن تي هو. جن مان ان ميسر ٿيندو هو، يا ته ڏاڍ مڙسي ڦرون ۽ چوريون ماڻهن جي گذر جو ذريعو هو. طاقت ور قبيلن جا سردار يا چڱا مڙس انهن آباد زمينن تي طاقت ذريعي قابض هئا انهن زمينن کي کيڙيندڙ هارين لاءِ ڪو به قانون يا سندن حصو مقرر ٿيل نه هو. باقي طاقت ور طبقن جي وچ ۾ طاقت جي خوف تي مبني نظام موجود هو جنهن تحت زمينن تي قابض طاقت ور ماڻهو بادشاهن توڙي سنڌ تي مقرر گورنرن کي ڍل يا ٻيو مال خود کي محفوظ رکڻ لاءِ ڏيندا هئا. باقي هاري مزدور طبقي جو ڪنهن به قسم جي ملڪيت يا اپت ۾ حق مقرر نه هو.
فڪري حوالي سان سنڌ گهڻو عرصو ٻڌ ڌرم ۽ ويدانيت جي اثر هيٺ رهڻ ڪري عراق وانگر روحانيت جي قائل هئي، توڙي جو اسلام جي اچڻ کانپوءِ به ڪافي اولياءِ الله سنڌ ۾ آيا ۽ اسلامي تصوف سنڌ جي فڪر تي ڪافي اثر انداز ٿيو. مگر وقت سان گڏ انهن مان ڪافي بزرگن جو نافرمان اولاد پنهنجي وڏن جي تعليم وساري چڪو هو. ۽ اميري جي ڪڍ پئجي ويو هو. جنهن ڪري تصوف جا اهي درس گاهه ماڻهن جي اندر جي اڃ اجهائڻ بجائي روب تاب ۽ ڌٻ ڌٻي جا مظهر جا ٿي چڪا هئا. مگر سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو جيڪو غريبن تي مشتمل هو ۽ انهن غريبن جي معاشي تڪليفن، ۽ عزت سان جيئڻ جي ڪوششن ۾ ناڪامين کين حرس ۽ حوس کان منهن موڙائي سڪون، تحفظ، امن ۽ محبت لاءِ آتو ٿي ڪيو.
صوفي شاهه عنايت شهيد جن جڏهن ميرانپور ۾ آباد ٿيا ته ساڻن 500 فقير ته فقط هندوستان مان ئي گڏ آيا هئا جن کي هندي فقير چيو وڃي ٿو. حضرت شاهه شهيد جي روحاني ڪماليت جو ايترو ثبوت ئي ڪافي هو ته ساڻن گڏ آيل هندي فقيرن مان سليمان هندي پڻ هو جيڪو هندوستان ۾ رهڻ دوران سندن دينوي علم جو استاد هو مگر سليمان هندي سندس شاگرد جي روحاني ڪمال مان متاثر ٿي پنهنجي شاگرد کان دست بعيت مريد ٿيو. سو اهڙو ڪامل ولي جڏهن ميرانپور ايندي بلڙي شاهه ڪريم مان گذريو ته ان وقت شاهه ڪريم جي درگاهه تي ميلو هلندڙ هو جيئن ته شاهه شهيد هندوستان کان ميرانپور ڏانهن سفر دوران نقاب ۾ رهيا جو سندن مرشد جو فرمان هو ته هندوستان مان نقاب ڪري وڃجو نه ته هي خلق خدا سموري اوهان جي پويان لڳي پوندي پوءِ ائين ئي ڪيائون جو نقاب ڪري سندن سر مبارڪ جهڪائي گهوڙي جي هني تي رکي اهو سفر ڪيائون مگر راهه ۾ جتي جتي سر مبارڪ مٿي ٿي ڪيائون يا هوا سان نقاب ٿي هٽيو ته کين ڏسندڙ ماڻهو سندن پويان ٿي لڳا. جيئن ته ائين ئي هندوستان مان ايندي انهن 500 فقيرن مان ڪافي فقير اهڙا به هئا جن ائين ئي کين ڏسندي سندن پيڇو ڪيو. سو بلڙي شاهه ڪريم جي ميلي مان جنهن وقت گذريا ته سندن نقاب هٽڻ ڪري ڪافي ماڻهن جيڪي درگاهه بلڙي شاهه ڪريم جي مريدن جي اولاد مان هئا تن مان ڪافي ماڻهو کين ڏسڻ شرط سندن پويان روانا ٿيا.
الله جو اهڙو ڪامل ولي جو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو ان جي خبر جڏهن سنڌ جي ماڻهن تائين پهتي ته سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل حالتن ۾ گهاريندڙ غريب پنهنجي اندر جي اڃ ۽ ڏکن ۽ سورن جو درمان ڳولهڻ لاءِ ميرانپور جو رخ ڪيو. ميرانپور ۾ حضرت شاهه شهيد جن ۽ سندن طالبن جو مسڪن ماڻهن لاءِ بنا ڪنهن رنگ، ذات، نسل ۽ مذهب جي فرق جي محبت جو مانڊاڻ ٿي پيو. جتي ڀانڊارو هليو ٿي جتان ميرانپور ۾ موجود اها سڄي فقراه کائيندي هئي جيئن ته ڏينهن به ڏينهن اهڙي محبت واري مسڪن ۾ ماڻهن جو اضافو ٿيندو ويو ماڻهو پنهنجي ڪٽنبن سان لڏي اچي ميرانپور ۽ ان جي آس پاس آباد ٿيا. ميرانپور جي آس پاس جون غير آباد زمينون آهستي آهستي آباد ٿيڻ لڳيون سنڌ ۾ رائج طريقي موجب فقيرن جي آباد ڪيل زمينن مان آيل اپت کڻي ڀانڊاري تي آيا ٿي، تڏهن حڪم ٿيو ته ” جو کيڙي سو به کائي“ اهو ئي وقت هو جڏهن دنيا ۾ پهريون دفعو ڌرتي جو سينو کيڙي ان اپائيندڙ هاري جو ان اپت تي حق تسليم ڪيو ويو. حق جي واصل انهي الله جي ڪامل ولي جي انهي فيصلي حرس ، حوس، ڏاڍ، جبر، طاقت تي مشتمل سماج جي ٿنڀن جاگيردارن، پيرن ۽ حڪمرانن جي مقرر ڪيل نوڪرن جي صاحبي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. ۽ هن ملڪ جي غريب مزدور، هاري، محنت ڪش کي اها ضمانت ڏني ته بنا ڪنهن تفريق جي خدا جي هن زمين تي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ اپت تي ان جو حق آهي.
هڪ ته اهڙو شخص جيڪو ماڻهن جي باطني اک سان ماڻهن کي حق ۽ حقيقت سان واصل ڪرائي رهيو هو اتي گڏوگڏ انساني سماج کي عدل تي قائم ڪرڻ لاءِ نه فقط لفظي پر عملي نمونو اڏي رهيو هو ته فطري عمل هو جو ماڻهو جو روز بروز وڌڻ لڳا.
ميرانپور ۾ اهڙي نظرياتي ماڻهن جي فوج جڙي رهي هئي جن کي خدا کانسواءِ ڪنهن جو خوف نه هو جن هاڻ خدا جي زمين ۽ نعمتن تي پنهنجو حق سمجهيو ٿي جيئن ته انهن کي تعيلم فقط خدا جي رضا سان راضي رهڻ جي هئي ۽ انهن سڀني جو پنهنجي مرشد سان رشتو عشق جي انتها هو.
اهڙي حالتن ۾ جاگيردارن، پيرن دهلي جي مقرر ڪيل نوڪرن سازشون سٽي دهلي جي بادشاهه جا ڪن ڀري پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺي انهي تحريڪ کي چيڀاٽڻ جو سعيو ڪري اچي ميرانپور جي فقيرن تي جنگ مڙهي. نتيجي ۾ دنيا جي تاريخ ۾ ٻي مرتبه ڪربلا برپا ٿي جنهن ۾ هر وقت الله سان گهاريندڙ فقيرن جي بهادري، شجاعت ۽ ثابت قدمي جا مثال رقم ٿيا. اهڙي طرح حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد سندن انهي قول جو عملي اظهار ڪيو. پاڻ فرمايائون ته ” اسان اهو نه چيو آهي ته دنيا ڇڏي ڏيو، مگر اسان اهو چيو آهي ته جتي به رهو جيئن رهو خدا سان گڏ رهو“
بيشڪ پوءِ جيڪو خدا سان گڏ آهي اهو حرس ۽ حوس کان پاڪ آهي. سندس فيصلن تي ڪڏهن به سندس ذاتي مقصد يا مطلب اثر انداز نه ٿو ٿئي ۽ هو هر وقت پنهنجو عمل خدا جي مرضي موجب ڪري ٿو جڏهن ته جيڪو حق آشنا هجي جنهن کي فنا ۽ بقا جي حقيقت معلوم هجي ان جي نظر ۾ حق تي حياتي ڏيڻ تمام سولو آهي.
صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر حق سان گڏ رهڻ جي تعليم ڏي ٿو. دنيا ۾ رهندي حق سان رهڻ وارو ناممڪن آهي جو پنهنجي ظاهري زندگي ۾ ڪو ناحق ڪري.
No comments:
Post a Comment